اسلام ??باد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جو ڪامياب انعقاد سفارتي ميدان ۾ پاڪستان جي لاءِ تمام وڏي ڪاميابي آهي، ملڪي معيشت مثبت رخ ۾ گامزن آهي، معيشت جي استحڪام ??ي لاءِ سڀني قر??ان?? ڏني، قومي مفاد جي لاءِ اسان پنهنجي اتحادين سان گڏجي خوشحال پاڪستان طرف گامزن آهيون. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف حڪومت ۽ اتحا??ي پارٽين جي سينيٽرز جي اعزاز ۾ مانجهاندو ڏنو. تقريب ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ حڪومتي ۽ اتحا??ي پارٽين جا سينيٽرز شريڪ هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي پاڪستان ۾ ڪامياب انعقاد تي سمورن اڳواڻن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جو ڪامياب انعقاد سفارتي ميدان ۾ پاڪستان جي لاءِ تمام وڏي ڪاميابي آهي، ان اجلاس جي ڪامياب انعقاد سان پاڪستان جو سفارتي پروفائيل عالمي سطح تي وڌيڪ مستحڪم ٿيو آهي، شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪاميابي جي لاءِ سمورن لاڳاپيل ادارن گڏجي ڪوشش ڪئي، شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس کان اڳ چيني وزيراعظم جو انتهائي ڪامياب دورو ٿيو، شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي ڪاميابي ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جو اهم ڪردار آه??. و??يراعظم چيو ته ملڪي معيشت مثبت رخ ۾ گامزن آهي، مهانگائي ۾ مختصر عرصي ۾ خاطرخواهه گهٽتائي آئي آهي، معيشت جي استحڪام ??ي ڪري پاڪستان 2025ع جي هدفن کي 2024ع ۾ ئي حاصل ڪري ورتو. هن چيو ته مٽاسٽا جي ناڻي ۾ مستقل اضافو ملڪي معيشت جي لاءِ انتهائي خوش آئنده آهي، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافو ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي حڪومت جي پاليسين تي اعتماد جو عڪاس آهي. هن چيو ته معيشت جي استحڪام ??ي لاءِ سڀني قر??ان?? ڏني، اڳ ۾ به بار بار چيو ته پنهنجي مخالفن کي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ محنت ڪري جواب ڏينداسين. وزيراعظم اتحا??ي پارٽين جي سينيٽ ۾ اڳواڻن کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان سڀ سياست جي قر??ان?? ڏئي تمام گهڻي محنت ڪئي، معاشي استحڪام ۽ سفارتي ڪاميابيون ان جو نتيجو آهن، هن ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين ۽ عوام قر??ان?? ڏئي هن ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍيو، ملڪي ترقي جي لاءِ سموريون سياسي پارٽيون ۽ ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، قومي مفاد جي لاءِ اسان پنهنجي اتحادين سان گڏجي خوشحال پاڪستان طرف گامزن آهيون.