اسلام آباد- پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ بزرگن جو عالمي ڏهاڙو اڱاري ڏينهن ملهايو ويو. ان ڏينهن جي م??ها??ڻ جو بنيادي مقصد بزرگ ماڻهن جي حقن، فلاح ۽ بهبود جي حوالي سان آگاهي فراهم ڪرڻ آهي. گڏيل قومن جي انگن اکرن مطابق 2013ع ۾ سڄي دنيا ۾ بزرگن جو انگ 84 ڪروڙ 10 لک هو جڏهن ته 2050ع تائين سڄي دنيا ۾ اهو ان?? 2 ارب تائين وڌي ويندو ۽ ان وقت هر 10 بزرگن مان 8 جو واسطو گهٽ ترقي يافته ملڪن سان هوندو. و??ضح رهي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 14 سيپٽمبر 1990ع ۾ هر سال پهرين آڪٽوبر تي بزرگ ماڻهن جو عالمي ڏينهن م??ها??ڻ جي قرارداد منظور ڪئي هئي. جنهن بعد هر سال پهرين آڪٽوبر تي بزرگ ماڻهن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. بزرگن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي سرڪاري ۽ نجي ادارن جي انتظام هيٺ منعقد تقريبن ۾ بزرگن جي مسئلن، انهن جي حل ۽ فلاح ۽ بهبود جي حوالي سان عوام ۾ شعور اجاگر ڪيو ويو.