نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي جارحاڻي ڪاررواين تي پاڪستان جي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام ک?? يقيني بڻائڻ جي لاءِ تڪرار جي حل ۽ فلسطينين جي خلاف اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي مهم جي شديد مذمت ۽ غيرمشروط فوري جنگبندي جو پڻ مطالبو ڪيو. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي مو??ب وزي??اع??م محمد شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي وچ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبيل جي اجلاس جي موقعي تي ملاقات ٿي. وزي??اع??م گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران ”مستقبل جي سربراهي“ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جي آجيان ڪئي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان جي نتيجن سان اسرندڙ ملڪن کي پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) ۽ مو??مياتي هدفن کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ مالياتي خال ۽ نظام کي بهتر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. سيڪريٽري جنرل کي ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي بريفنگ ڏيندي وزي??اع??م والاريل واديءَ ۾ ڀارت جي جارحاڻي ڪاررواين تي پاڪستان جي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام ک?? يقيني بڻائڻ جي لاءِ تڪرار کي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن سيڪريٽري جنرل تي زور ڏنو ته هو ڄمون ۽ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ۽ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق ک?? يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي اثر رسوخ جو استعمال ڪري. وزي??اع??م فلسطينين جي خلاف اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي مهم جي شديد مذمت ڪئي ۽ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي جو مطالبو ڪيو. هن عالمي برادري تي پڻ زور ڏنو ته هو اسرائيل جو احتساب ڪري. وزي??اع??م خودمختيار رياست فلسطين ج??هن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي قيام جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزي??اع??م اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر ۽ سڄي دنيا ۾ مسلمانن جي خلاف امتيازي سلوڪ کي روڪڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن سال 26 – 2025ع جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي طور تي عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي فعال شموليت سان گڏوگڏ گڏيل قومن جي امن مشن ۾ شرڪت ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي قيام جي لاءِ پاڪستان جي ڪردار تي وزي??اع??م جا ٿورا مڃيا.