ڪراچي-19 سيپٽمبر(اي پي پي) برطانيه جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر سا??ه موني چيو آهي ت?? پاڪستان جي بليو اڪانومي جي صنعت کي پوري صلاحيت موجب استعمال ناهي ڪيو ويو جڏهن ته ان ۾ 100 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي آمدني پيدا ??رڻ جي صلاحيت آهي. اها ڳالهه هن خميس ڏينهن ميري ٽائيم جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان ميري ٽائيم ٽريننگ انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽوريٽ اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشن (ڊي اي پي ايم) جي تعاو?? سان مقامي هوٽل ۾ منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي ت?? ڊائريڪٽر جنرل پي آءِ ڊي ارم تنوير ۽ ٻين به خطاب ڪيو. ان موقعي ت?? سي اي او ڪيئر پاڪستان جي وائيس چيئرمين ڪيپٽن علي اصغر خان پنهنجي ت??رير ۾ ميري ٽائيم ڊي جي اهميت ۽ سيمينار جي مقصدن تي ت??صيلي روشني وڌي. برطانيه جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر چيو ته ڪراچي ميري ٽائيم جي حوالي سان لامحدود صلاحيتون رکندڙ شهر آهي، پاڪستان جهڙي ملڪ لاءِ قومي معيشت ۾ بليو اڪانومي کي شامل ڪرڻ انتهائي اهيمت وارو آهي، پاڪستان وٽ 1001 ڪلوميٽر جي سامونڊي پٽي آهي، جيڪا سامونڊي جانورن، ٻوٽن ۽ معدني وسيلن جي ڪيترن ئي قسمن جو گهر آهي. هن چيو ته ايس او ايل اي ايس ڪنوينش?? سامونڊي حفاظت لاءِ اسان جي جاري وابستگي جو ثبوت آهي. هن چيو ته ه?? سال جو ٿيم ”مستقبل ۾ نيويگيٽنگ سيفٽي فرسٽ“ ميري ٽائيم سيفٽي کي وڌائڻ لاءِ اسان جي اجتماعي ڪوششن جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته برطانيه وٽ دنيا جي ڪجهه مشهور بحري سکيا جون سهولتون آهن، جن ۾ وار شاس ميري ٽائيم اسڪول ۽ سٽي آف گلاسگو ڪاليج شامل آهن، جيڪي اعليٰ درجي جي ميري ٽائيم پيشيور ماڻهن کي ت??ار ڪرڻ ۾ اهم حيثيت رکن ٿا، جيڪي عالمي سطح تي اسان جي اعليٰ حفاظي معيارن کي اڳتي وڌائين ٿا. هن چيو ته جهاز ري سا??يڪلنگ تي هانگ ڪانگ ڪنوينشن جي ت??ثيق ڪرڻ تي پاڪستان کي به مبارڪون ڏيڻ چاهيان ٿي. پي آءِ ڊي جي ڊائريڪٽر جنرل ارم تنوير پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هڪ هزار ڪلوميٽر سا??لي پٽي سان پاڪستان جي منفرد جاگرافيائي بيهڪ آهي. موسمياتي تبديلي جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته موسمياتي تبديلي اسان جي سامونڊي، سا??لي خطن ۽ ڪميونٽيز لاءِ گهري نقصان?? سان گڏوگڏ عالمي چئلينج آهي. هن چيو ته عالمي برادري جي هڪ ذميوار ميمبر طور پاڪستان ماحول جي تحفظ ۽ پائيدار ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪيتريون ئي قومي پاليسيون متعارف ڪرايون آهن جنهن کي بليو اڪانومي جي قدمن جن ۾ پائيدار ماهيگيري، سامونڊي قابل تجديد توانائي ۽ سامونڊي حياتياتي ت??وع جو تحفظ شامل آهي. هن چيو ته 2015ع جي قومي ٻيلن جي پاليسي جو مقصد اسان جي ٻيلن جي ايراضي کي وڌائڻ ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته سڌ سماءَ واري وزارت هڪ باخبر معاشري کي هٿي ڏيڻ ۽ ميڊيا جي ترقي کي اڳتي وڌائي ان قومي ڪوششن جي حمايت ۾ اهم ڪردار ادا ??ري ٿي. هن ناٽيڪل انسٽيٽيوٽ جي پاڪستان برانچ، انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ شپ بروڪرز، چارٽرڊ انسٽيٽيوٽ آف لاجسٽڪ اينڊ ٽرانسپورٽ ۽ پاڪستان مرچنٽ نيوي آفيسرز ايسوسيئيشن جو ان اهم تقريب منعقد ڪرڻ جي ڪوششن تي دل جي گهراي?? سان شڪريو به ادا ??يو. ان موقعي ت?? سڌ سماءَ واري وزارت طرفان وڊيو به هلائي وئي جنهن ۾ سا??لي ورثي جو هڪ اهم مينگروو جي ماحولياتي نظام کي محفوظ رکڻ جي اهميت کي واضح ڪيو ويو ته مينگرووز طوفان خلاف قدرتي رڪاوٽن طور ڪم ڪن ٿا، سا??لي تباهي کان بچائي ٿين ۽ عالمي موسمياتي تبديلين کي گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ??ن ٿا.