اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محم?? شهباز شريف پاڪستان جي لاءِ ايشيائي ترقيا??ي بئنڪ جي پراڻي حصيداري ک?? ساراهيندي زراعت سميت ماحولياتي لچڪ جي منصوبن ۾ ترقياتي حصيدارن سان گڏ ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي گهري خواهش جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم ۽ ايشيائي ترقيا??ي بئنڪ جي صدر 400 ملين ڊالرز جي سنڌ ايمرجنسي هائوسنگ ري ڪنسٽرڪشن پراجيڪٽ ۽ 320 ملين ڊالر ماليت جي خيبرپختونخواهه ڳوڍاڻي روڊز ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ جي حوال?? سان مسودي تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محم?? شهباز شريف سان ايشيائي ترقيا??ي بئنڪ (اي ڊي بي) جي صدر مساتسوگو آساڪاوا هڪ وفد سان گڏ وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. پاڪستان جي لاءِ ايشيائي ترقيا??ي بئنڪ جي پراڻي حصيداري ک?? ساراهيندي وزيراعظم اي ڊي بي جي وفد کي پاڪستان حڪومت پاران متعارف ڪرايل سڌارن جي سلسلي بابت آگاهه ڪيو جن ۾ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو، توانائي جي شعبي جي مالي استحڪام کي بهتر بڻائڻ، موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن جي خلاف قدمن، غيرهدف شده سبسڊي ۾ گهٽتائي ۽ سماجي تحفظ کي وڌائڻ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته هو انهن سڌارن جي اڳڀرائي جي ذاتي طور تي نگراني ڪري رهيو آهي ته جيئن انهن جي ڪامياب لاڳو ۽ ڊگهي مدي وارن اثرن کي يقيني بڻائي سگهجي جيڪي پائيدار اقتصادي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ ضروري آهي. وزيراعظم 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي موقعي تي ايشيائي ترقيا??ي بئنڪ پاران 1.5 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي فراخدلاڻي مدد ک?? ساراهيو. هن زراعت سميت ماحولياتي لچڪ جي منصوبن ۾ ترقياتي حصيدارن سان گڏ ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي گهري خواهش جو اظهار ڪيو. ايشيائي ترقيا??ي بئنڪ جي صدر خيالن جو اظهار ڪندي ايشيائي ترقيا??ي بئنڪ سان پاڪستان جي هڪ باني ميمبر جي حيثيت سان ڊگهي وابستگي ک?? ساراهيو. هن جامع سڌارا آڻڻ تي پاڪستان حڪومت ک?? ساراهيو ۽ پاڪستان جي لاءِ بئنڪ جي مسلسل حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر جي ترقي، ماحولياتي تبديلي جي شعبي ۾ ۽ اداراجاتي سڌارن ۾ تعاون وڌائڻ جي بئنڪ جي عزم جي تجديد ڪئي. منصوبابندي، ترقي واري وفاقي وزير، سيڙپڪاري ۽ نجڪاري واري وفاقي وزير، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير ۽ ٻين اعليٰ سرڪاري عملدارن پڻ ملاقات ۾ شرڪت ڪئي. ملاقات کانپوءِ وزيراعظم ۽ اي ڊي بي جي صدر 400 ملين ڊالرز جي سنڌ ايمرجنسي هائوسنگ ري ڪنسٽرڪشن پراجيڪٽ ۽ 320 ملين ڊالر ماليت جي خيبرپختونخواهه ڳوٺاڻن رستن جي ترقي جي منصوبي جي حوال?? سان مسودي تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ايشيائي ترقيا??ي بئنڪ جا اهي ٻئي منصوبا ٻوڏ سان تباهه ٿيل علائقن جي بحالي بابت آهن.