اسلام آباد-15 سيپٽمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته آئيني ت??ميمون اهم ۽ سنجيده معاملو آهي جنهن لاءِ مشاورت جاري آهي، چارٽر آف ڊيموڪريسي اندر واعدو ڪيو ويو هو ته انصاف جي فراهمي کي آسان بڻايو ويندو، پارليامينٽ سپريم اد??رو آهي ۽ ان کي آئين ۽ قانون ۾ ترميم جو حق حاصل آهي، عوام پنهنجي ووٽن سان چونڊي اسان کي پارليامينٽ ۾ موڪليو آهي، اهو اسان جي فرضن ۾ شامل آهي ته عوام جي مفاد ۾ اهڙي قانونسازي ڪئي وڃي جنهن سان عوام کي فائدو پهچي، انهن ترميمن سان هر پاڪستاني جي زندگي ۾ بهتري ايندي. هو پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير چيو ته آئيني ت??ميمن ۾ دير جو سبب صرف ۽ صرف مشاورتي عمل آهي جنهن جو دائرو وسيع ڪيو ويو آهي.هن چيو ته حڪومت پنهنجي اتحادين ۽ سياسي پارٽين سان ۽ مولانا فضل الرحمان مخالف ڌر پارٽين سان مشاورت ڪري رهيو آهي، اسان جي به انهن سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي. وفاقي وزير چيو ته اڄ جمهوريت جو ڏينهن آهي ۽ هي جمهوري حسن آهي ته سموريون سياسي پارٽيون ان ڏينهن اهم آئيني ت??ميمن لاءِ مشاورتي عمل ۾ شريڪ ٿين. وفاقي وزير چيو ته هي پاڪستان جي ت??ريخ جو هڪ اهم موڙ آهي، چارٽر آف ڊيموڪريسي اندر واعدو ڪيو ويو هو ته انصاف جي فراهمي کي آسان بڻايو ويندو، ملڪ ۾ انصاف جو نظام بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ هڪ هڪ شق ۽ هڪ هڪ نقطي تي مشاورت ڪئي پئي وڃي. وفاقي وزير چيو ته پهرين به چيو هو ته ڪنهن خاص شخصيت لاءِ اهي ت??ميمون نه پيون ڪيون وڃن پر انهن ترميمن سان هر پاڪستاني جي زندگي ۾ بهتري ايندي، پارليامينٽ هن ملڪ جو سپريم اد??رو آهي ۽ان کي آئين ۽ قانون ۾ ترميم جو حق حاصل آهي. عوام پنهنجي ووٽن سان چونڊي اسان کي پارليامينٽ ۾ موڪليو آهي ان لاءِ اها ڳالهه اسان جي فرضن ۾ شامل آهي ته عوام جي مفاد ۾ اهڙي قانونسازي ڪئي وڃي جنهن سان عوام کي فائدو پهچي. عطا تارڙ چيو ته آئيني ت??ميمن جي حوالي سان مثبت ۽ مڪمل مشاورت مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان جي ڪوشش ??هي ته اڄ ئي ان تي اڳڀرائي ٿي وڃي. ميڊيا کي ٿيل اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويندو. هن وقت تائين ٿيل دير جو سبب صرف ۽ صرف مشاورت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ٿي آهي. پيپلزپارٽي جي وفد سان به ساڻس ملاقات ڪئي آهي، انصاف کي حاصل ڪرڻ لاءِ سٺو قدم کنيو ويو آهي ته ان جي حق ۾ آواز اٿارڻ گهرجي. هن چيو ته آئيني ت??ميمون پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوا?? لاءِ آهن، آئيني ت??ميمون سنجيده معاملو آهي، ان ۾ دير ٿي سگهي ٿي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته آئيني ت??ميمن تي سير حاصل گفتگو ٿي وڃي ته سٺي ڳالهه آهي، مشاورت جي نتيجي ۾ اتفاق راءِ پيدا ٿي وڃي ته ان ۾ بهتري آهي. هن چيو ته ڪوشش ??هي ته عوام تائين ترميمن جي حوالي سان سٺي خبر وڃي. اسان سمجهون ٿا ته اهي ت??ميمون جڏهن سامهون اچن ته سڀني کي خوشي ٿئي، قانوني ماهر ??هترين راءِ کان آگاهه ڪن ٿا. هن چيو ته اڄ جمهوريت جو ڏينهن آهي، اهو جمهوريت جو حسن آهي ته سموريون سياسي پارٽيون ان مشاورت جو حصو آهن. دير جي حوالي سان ميڊيا جي سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته وسيع تر سياسي مشاورت مڪمل ٿيڻ تائين آئيني ت??ميمن تي اڳتي وڌڻ ۾ دير ٿي ويندي آهي، حڪومتي پارٽين وچ ۾ مشاورت جو سلسلو جاري آهي.مولانا فضل الرحمان مخالف ڌر پارٽين سان مشاورت جاري رکي آهي، مولانا فضل الرحمان انهي آئيني ت??ميمن تي مشاورت ڪري رهيو آهي، مشاورت ۾ سمورين پارٽين جا قانوني ماهر موجود آهن.