اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته ديامير ڀاشا ڊيم پاڪستان جي آبي ۽ خوراڪ جي سيڪيورٽي لاءِ اهم منصوبو آهي، ان ۾ لاپرواهي ۽ غير ضروري دير سبب ان جي لاڳت ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي چڪو آهي، اڳوڻي حڪومت جي نااهلي جو نتيجو هر شعبي ۾ ڀوڳي رهيا آهيون. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن پنهنجي صدارت هيٺ ديامير ڀاشا ڊيم منصوبي جي اڳڀرائي جي جائزي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ رٿابندي ??اري سيڪريٽري، واپڊا چيئرمين ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته ديامير ڀاشا ڊيم پاڪستان جي آبي ۽ خوراڪ جي سيڪيورٽي لاءِ اهم منصوبو آهي، 2018ع تائين ان ڊيم جي تعميري لاڳت جو ڪاٿو 479 ارب رو??يا هو. 2018ع تائين زمين جي خريداري تي 120 ارب رو??يا خرچ ڪيا ويا هئا. ڊسمبر 2020ع ۾ فنانسنگ حاصل ڪرڻ کانسواءِ جلد بازي ۾ تعميرات شروع ڪئي وئي، گذريل دور ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽين جي اجلاس دوران ٻڌا??و ويندو هو ته منصوبي جي لاڳت 600 ارب ٿي چڪي آهي، هڪ ٻئي موقعي تي ٻڌا??و ويو ته هاڻي 750 ارب ٿي چڪي، هن چيو ته اڄ تائين ڪاغذن ۾ 480 ارب جو ڪاٿو ظاهر ڪيو پ??و وڃي، ديامير ڀاشا ڊيم جي تعميري لاڳت ان وڏي اضافي جي ذميواري اڳوڻي نااهل حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي، فنڊنگ جي کوٽ ۽ دير سبب ان منصوبي جي لاڳت 479 مان وڌي 1400 ارب تائين پهتي. پروفيسر احسن اقبال چيو ته افسوس جو مقام آهي ته اڄ به ان منصوبي جو فنانسنگ پلان مڪمل ناهي، ڊيم ۽ بجلي جي منصوبن کي ڌار ڪ??و وڃي، بجلي منصوبي جي فنانسنگ نجي ادارن کان ڪرايو. هن چيو ته 6 سال گذرڻ باوجود منصوبي جو نظرثاني ٿيل پي سي ون نه ٺهي سگهي آهي. مون گذريل دور ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ تجويز پيش ڪئي ته جنهن منصوبي جو پي سي ون ٻه سال پراڻو هجي ان تي ڪم شروع نه ڪ??و وڃي. هن جو چوڻ هو ته مستقبل پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جو آهي، ديامير ڀاشا ڊيم ۾ 6.4 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جو ذخيرو ٿيندو، هن چيو ته ڀاشا ڊيم منصوبي جي تعمير ۾ پاڪستاني يونيورسٽين، انجنيئرنگ ۽ هائيڊرالوجي جي شاگردن کي شامل ڪ??و وڃي.