اسلام آباد-13 سيپٽمبر(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته رسول ڪريم صلي الله عليه واله وسلم جن جي تعليم ڀائيچاري،امن، انصاف ۽ انسانيت جو درس ڏئي ٿي، ان کي پنهنجي زندگين تي لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خ??ال جو هن اظهار هن جمعي ڏينهن عيد ميلاد النبي جي مناسبت سان پارليامينٽ هائوس ۾ خطاطي نمائش ۽ سيرت محل بڪ ڪارنر جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو . سردار اياز صادق چيو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم انسانيت جا محسن ??هن ۽ حضور پاڪ جي سيرت طيبه ۽ حسن اخلاق اس??ن سڀني لاءِ مشعل راهه آهي . هن چيو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي اسوه حسنه تي عمل ڪرڻ سان ئي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي ممڪن آهي . سندن تعليمات اس??ن کي ڀائيچاري، امن، انصاف ۽ انسانيت جو درس ڏئي ٿي. هن مبارڪ مهيني ۾ اس??ن کي حضور پاڪ صه جي تعليمات تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي .اسپيڪر چيو ته نمائش ربيع الاول جي مبارڪ مهيني جي مناسبت سان منعقد ڪئي وئي آهي . واضع رهي ته نمائش ۾ 25 کان وڌيڪ اسلامي ملڪن جي سفيرن، پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ ٻين شخص??تن شرڪت ڪئي . نمائش ۾ خطاطي جا 112 فن پارا رکيا ويا ??هن جيڪي نالي وارن خطاطن جي تخليقي صلاح??تن جي نشاندهي ڪن ٿا. اسپيڪر ان موقعي تي واصل شاهد جي تخليقي صلاح??تن جي تعريف ڪندي تقريب ۾ شريڪ پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ مختلف ملڪن جي سفيرن جو شڪريو ادا ڪيو .هن وڌيڪ چيو ته سيرت محل بڪ ڪارنر ۾ نبي صلي الله عليه وسلم جي حيات طيبه جي حوالي سان 400 ناياب ڪتاب رکيا ويا ??هن جيڪي نبي ڪريم جي حيات طيبه جي حوالي سان معلومات فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.