لاهور-21 آگسٽ (??ي پي پي) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز ايران ۾ پاڪستاني زائرين جي بس جي افسوسناڪ حادثي ۾ قيمتي انساني جاين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اربع ڏينهن جاري ڪيل پنهنجي تعزيتي ب??ان ۾ هن فوتين جي ڪٽنبن سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ايران ۾ بس حادثي ۾ فوت ٿيل پاڪستاني زائرين جي خاندانن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهيان، ان افسوسناڪ خبر سڄي ملڪ کي ڏکوئي ڇڏيو آهي، ڏک جي ان ??هڙي ۾ متاثر خاندانن سان ??ڏ آهيان. هن دعا ڪئي الله تعالي فوت ٿيلن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ جاءِ عطا ??رم??ئي ۽ سوڳوار خاندانن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق ڏئي. هن فوتين جي ب??ند درجن ۽ زخمين جي جلد صحيتابي لاءِ به دعا ڪئي.