اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) ??نص??بابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال ڪانسپٽ پيپرز جي تياري جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته حڪومت پاڪستان ۽ چين، سي پيڪ فيز2 تحت انهن پنج اقتصادي راهدارين تي جلد کان جلد ڪم شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهڙو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ٿيل سي پيڪ ??نص??بن جي حوالي سان جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري پلاننگ اويس منظور سمرا، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين، ادارن جي سربراهن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. هن لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز ۽ وزارتن جي اعليٰ عملدارن کي انهن ڪوريڊورز تي گڏيل پلان جوڙڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته سمورن ورڪنگ گروپس کي آگسٽ 2023ع ۾ چين جي صدر جن ??نگ جي تجويز ڪيل 5 ڪاريڊورز تي ڪانسپٽ پيپرز تيار ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون هيون، حڪومت پاڪستان ۽ چين، سي پيڪ فيز 2 تحت انهن 5 اقتصادي راهدارين تي جلد کان جلد ڪم شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هن هدايت ڪئي ته ڪانسپٽ پيپرز جي تياري جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي، سي پيڪ فيز 2 جا سمورا ??نص??با انهن پنج نون ڪوريڊورز موجب تيار ڪيا وڃن. احسن اقبال چيو ته پنج نون ڪاريڊورز ۾ گروٿ، اڪنامڪ ڊولپمينٽ پروجيڪٽس، انوويشن، گرين ۽ ريجنل ڪنيڪٽيويٽي شامل آهن، اهي پنج ڪوريڊورز پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي فريم ورڪ ”فائيو اي ايز“ سان هڪجهڙائي رکن ٿا. هن چيو ته انوويشن ڪوريڊو?? تحت جديد ٽيڪنالاجي ذريعي نون ??نص??بن جو بندوبست ۽ نوجوانن کي آءِ ٽي ۾ مهارت ڏيڻ شامل آهي. اوپن ريجنل کي آپريشن تحت سي پيڪ سينٽرل ايشيا سان رابطن کي هٿي ڏيڻ ۽ دوستاڻا لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته پنج ڪوريڊورز جي حوالي سان پاڪستان جي هوم ورڪ بابت تيار ڪيل دستاويز چين جي وزيراعظم جي پاڪستان جي دوري دوران پيش ڪئي ويندي. هن هدايت ڪئي ته سموريون وزارتون سي پيڪ پورٽ فوليو تحت پنج سالن جو ??نص??بو تيار ڪن ۽ کين جي سي سي آڏو پيش ڪن، سيپٽمبر ۾ وڌ کان وڌ جوائنٽ ورڪنگ گروپس جا اجلاس منعقد ڪيا وڃن ته جيئن آئنده پنج سالن جي سي پيڪ جو لائحه عمل تيار ڪري سگهجي، اسان جو مقصد صنعتي ۽ واپاري ترقي ۽ پرڏيهي سي??پڪ??ري ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي، ڊگهي مدي وارن ??نص??بن کي هر شعبي جي لحاظ کان بريڪ اپ ڪري ورڪنگ گروپس ۾ شامل ڪيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته سموريون وزارتون ايندڙ 15 ڏينهن ۾ سي پيڪ جو باقاعده پلان تيار ڪري پيش ڪن، گڏيل ورڪنگ گروپ جي ايجنڊا ۽ ڄاڻايل ??نص??بن جي چونڊ لاءِ هفتيوار گڏجاڻيون منعقد ڪيون وڃن، ايندڙ پنج سالن جي ڄاڻايل ايجنڊا ۽ پلان تيار ڪن. هن چيو ته اسان کي نه رڳو پنهنجو پنج سالن جو ??نص??بو تيار ڪرڻ گهرجي پر چين جي سي پيڪ فيز 2 جي ??نص??بي جي به مڪمل تفصيل معلوم هجڻ گهرجن. نون آئيڊياز تي ٻڌل ??نص??با تيار ڪريون، ايندڙ گڏيل ورڪنگ گروپ ۽ جي سي سي جي اجلاس لاءِ ڄاڻايل ??نص??بن تي ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي.