اسلام آباد-08 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آه?? ته پارلياماني عمل ۾ نوجوانن جي شموليت نه رڳو اهم قدم پر ملڪي مفاد لاءِ گهڻو ضروري آه??، پاڪستان جي 64 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آه?? جيڪي ملڪ جو انتهائي قيمتي اثاثو آه??، سينيٽ انٽرنشپ پروگرام نوجوانن کي پارلياماني عمل سان جوڙڻ لاءِ هڪ منظم رستو فراهم ڪري. اهڙو اظهار هن سمر انٽرنشپ پروگرام جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته سينيٽ سمر انٽرنشپ پروگرام جي پڄاڻي جي موقعي تي ان تقريب کي خطاب ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آه??. سينيٽ جي ڪميٽين ۽ سيڪريٽريٽ ۾ نمايان ڪارڪردگي تي آئون اوهان سڀني کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته نوجوانن ۾ سماجي ۽ معاشرتي تبديلي کي اڳتي وڌائڻ جي صلاحيت تمام گهڻي آه??، نوجوان نسل کي ملڪ جي جمهوري عمل ۾ شامل ڪرڻ سان ادارن کي سگهه ملندي آه??. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته قانونسازي جي ايوانن ۾ نوجوانن جي شرڪت جو رجحان سڄي دنيا ۾ هٿي وٺي ر??يو آه??، قانونسازي جي عمل ۾ نوجوانن جي شموليت ملڪ لاءِ فائديمند ثا??ت ٿيندي آه?? ۽ ان ڳالهه کي به يقيني بڻائيندي آه?? ته حڪومتي پاليسيون نوجوانن جي امنگن جي عڪاسي ڪنديون آه??. هن چيو ته تاريخي طور تي نوجوانن سياسي نظام جي جوڙجڪ ۽ سماجي تبديلي کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آه??. پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح نوجوان نسل جي صلاحيتن کي تسليم ڪيو ۽ نوجوانن تي زور ڀريو ته هو پاڻ کي قومي تعمير لاءِ تيار ڪن. نوجوان مستقبل جا معمار آه??. نوجوانن جي مهارتن ۽ صلاحيتن کي ملڪي مفاد جي استعمال ۾ آڻڻ وقت جي اهم ضرورت آه??. سينيٽ انٽرنشپ پروگرام نوجوانن کي پارلياماني عمل سان جوڙڻ لاءِ هڪ منظم رستو فراهم ڪندو. نوجوانن انٽرنشپ پروگرام مان قانونسازي جي طريقيڪار، پاليسي سازي ۽ آفيس جي معاملن بابت نمايان آگاهي حاصل ڪئي. نوجوانن جو پارليامينٽ هائوس ۾ ڪم جو تجربو انهن جي ر??شن مستقبل جي ضمانت ثا??ت ٿيندو. نوجوانن کي نه رڳو پارليامينٽرين سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو پر سينيٽ جي اعليٰ عملدارن جي تجربي مان به فائدو کنيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته اسان سڀ اوهان جي ر??شن مستقبل لاءِ دعاڳو آه??ون. اميد آه?? ته اوهان سڀ پنهنجي محنت ۽ قابليت عيوض ملڪ جو قيمتي اثاثو ثا??ت ٿيندا. سيد يوسف رضا گيلاني سينيٽ سيڪريٽريٽ جي ڪوش??ن کي ساراهيو ۽ سينيٽ جي اعليٰ عملدارن کي خراج تحسين پيش ڪيو.