اسلام آباد -04 آگسٽ (اي پي پي) ڪنٽرول لائين جي ٻنهي پاسي ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري 5 آگسٽ کي ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا، قومي اسيمبلي مان گڏيل ٺهراءُ منظور ڪرايو وي??دو، ڪشمير جي مختلف حصن ۾ سيمينارز، ڪانفرنسون ۽ احتجاجي مظاهرا ڪيا وي??دا. هن ڏينهن دنيا آڏو ڀارت جي مڪروهه چهري کي بي نقاب ڪيو وي??دو ۽ 5 آگسٽ 2019ع کان انساني حقن جي خلاف ورزين کي اجاگر ڪيو وي??دو، ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس ڀارت جي غيرقانوني طور وال??ري?? ڄمون ڪشمير جي عوام تي زور ڀريو آهي، ته هو 5 آگسٽ يوم استحصال ڪشمير کي ڪاري ڏينهن طور ملهائين، 5 آگسٽ 2019ع تي هندو پرست ڀارتي حڪومت عالمي طور تي تسليم ٿيل تڪراري علائقي کي خاص حيثيت ڏي??ري??دڙ آرٽيڪل 370 کي رد ڪندي ڪشمير جو فوج ۽ پوليس کان وحشياڻو گهيراءُ ڪرايو، اي پي ايڇ سي جي ترجمان ايڊووڪيٽ عب??ال??حيد منهاس هڪ بيان ۾ اپيل ڪئي ته عوام، واپاري، ٽرانسپورٽرز، وڪيل، عالم سڳورا، ملازم ۽ ڪشميري سڄي دنيا ۾ 5 آگسٽ کي ”يوم استحصال ڪشمير“ طور ملهائين. بيان ۾ چيو وي?? آهي، ته ڄمون ڪشمير جي عوام 5 آگسٽ 2019ع تي کنيل قدمن کي واپس وٺي، گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق ڪشمير تڪرار جي حل، سمورن سياسي نظربندن جي آزادي ۽ غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ ڀارت طرفان انساني حقن جي خلاف ورزين جي خاتمي جو مطالبو ڪيون ٿا. حريت ڪانفرنس انساني حقن جي تنظيمن کي به اپيل ڪئي آهي، ته هو زميني صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ پنهنجون ٽيمون ڪشمير موڪلين ۽ ڪشمير ۾ قتل، گم ٿيل ماڻهن، پئليٽ ۽ گولي لڳڻ سبب زخمين، گرفتار ڪيل ماڻهن ۽ ذهني صحت تي پوندڙ اثرن جو آزاد جائزو وٺن. ترجمان چيو ته آر ايس ايس جي حمايت رکندڙ هندو پرست حڪومت 5 آگسٽ 2019ع کان هاڻي تائين هز??ري?? ڪشميرين کي گرفتار ڪيو آهي، جڏهن ته نئين دهلي ۾ ڪشمير جي خاص حيثيت کي رد ڪيو وي?? ۽ علائقي جو فوجي گهيراءُ ڪيو وي??. اي پي ايڇ سي چيو ته وال??ري?? ڪشمير ۾ گرفتاري جي موجوده مهم آزادي جي آ??از کي خاموش ڪرڻ جي انتقامي پاليسي آهي. ڀارت ڪشميرين کي انهن جي آزادي جي پختي عزم جي سزا ڏيڻ لاءِ ڏاڍ جي سمورن طريقن تي عمل پيرا آهي ۽ پبلڪ سيفٽي ايڪٽ ۽ غيرقانوني سرگرميون (روڪٿام) ايڪٽ جهڙا سخت قانون ڪشميرين کي مجبور ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا وي??دا آهن.