اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف هدايت ڪئي آهي ته محرم الحرام جي مهيني خاص طور تي عاشوري دوران صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومتن سان سيڪيورٽي معاملن تي هم آهنگي ۽ رابطا و??يڪ بهتر ڪيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شر??ف سان گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير سيد محسن رضا نقوي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ محرم الحرام دوران امن امان جي صورتحال جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم محرم الحرام جي مهيني خاص طور تي عاشوري جي دوران صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومتن سان سيڪيورٽي معاملن تي هم آهنگي ۽ رابطا و??يڪ بهتر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزارت سان لا??اپ??ل ٻين معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.