اسلام آباد -11 جون (اي پي پي) زرعي شع??ي ۾ سٺي ڪارڪردگي سبب اقتصادي اوسر واري شرح ۾ اضافو ٿيو، زراعت جي شع??ي ۾ هي گذريل 19 سال دوران سڀ کان وڌيڪ ترقي آهي. مالي سال 24-2023ع دوران زراعت جي شع??ي ۾ ترقي جي اوسر واري شرح 6.25 ??يڪ??و رهي. اقتصادي سروي ۾ ٻڌايو ويو ته ڪڻڪ، چانور ۽ ڪپهه جي فصلن ۾ بهتري سان زراعت جي شع??ي ۾ ترقي ٿي ۽ مالي سال 24-2023ع دوران زرعي شع??ي ۾ ترقي جي شرح 6.25 ??يڪ??و رهي، صنعتي شع??ي ۾ به هاڪاري اوسر واري شرح رڪارڊ ڪئي وئي ۽ مالي سال 24-2023ع دوران ڪپهه جي پيداوار ۾ 108 ??يڪ??و جو اضافو ٿيو ۽ 10.2 ملين بيلز جي پيداوار ٿي، چانورن جي پيداوار ۾ 34.8 ??يڪ??و اضافو ٿيو ۽ 9.87 ملين ٽن جي پيداوار ٿي، ڪڻڪ جي پيداوار ۾ پڻ 11.6 ??يڪ??و اضافو ٿيو ۽ 31.44 ملين ٽن جي پيداوار ٿي، لائيو اسٽاڪ جو زراعت جي شع??ي ۾ حص?? 60.84 ??يڪ??و رهيو، جڏهن ته جي ڊي پي ۾ لائيو اسٽاڪ جي شرح 14.63 ??يڪ??و رهي، لائيو اسٽاڪ جي شع??ي ۾ ترقي جي شرح 3.89 ??يڪ??و رهي.