اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) توانائي جي وفاقي وزير سردار محمد اويس خان لغاري چيو آهي ته پاڪستان تيزي سان ??نر??ي مڪس ۾ قابل تجديد توانائي جي شرح وڌائي رهيو آهي، چين جي سڀني کان وڏي سولر مينوفيڪچرنگ ڪمپني کي پاڪست??ن ۾ سولر مينوفيڪچرنگ پلانٽ لڳائڻ جي دعوت ڏني آهي جنهن تي ڪمپني ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو آهي. پاور ڊويزن طرفان جاري پڌرائي مطابق توانائي واري وزير سردار محمد اويس خان لغاري چين ۾ دنيا جي سڀني کان وڏي سولر مينوفيڪچرنگ ڪمپني جي صدر سان ملاقات ڪئي آهي. وفاقي وزير سولر مينوفيڪچرنگ ڪمپني لونجي گرين، ??نر??ي ٽيڪنالوجي جي صدر زن گ??لي سان ملاقات دوران پاڪستان جي سولر توانائي جي صلاحيتن تي بريفنگ ڏني. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان تيزي سان ??نر??ي مڪس ۾ قابل تجديد توانائي جي شرح وڌائي رهيو آهي. سردار اويس لغاري چيني ڪمپني کي پاڪست??ن ۾ سولر مينوفيڪچرنگ پلانٽ لڳائڻ جي دعوت ڏني جنهن تي ڪمپني جي صدر گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ چيني ڪمپني جي صدر پاڪست??ن ۾ شمسي توانائي کي هٿي ڏيڻ لاءِ سهڪار جي خاطري ڪرائي.