اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي نجي ??عب?? جي وچ ۾ شينزن پاڪستان بزنس ڪانفرنس جي موقعي تي پاڪستاني واپارين ۽ چين جي ??اروباري ماڻهن جي وچ ۾ بزنس ٽو بزنس گڏجاڻي کانپوءِ مختلف ??عب?? ۾ 32 مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن. واپار واري وزارت پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هلندڙ چين جي دوري دوران پاڪستان ۽ چيني ڪمپنين وفاقي حڪومت جي بزنس ٽو بزنس قدمن جي نتيجي ۾ مفاهمت جي 32 مختلف يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. ٻنهي ملڪن جي ??اروباري برادري جي ??ڏيل دلچسپي جي ??عب?? ۾ اليڪٽرانڪس ۽ گهريلو اوزارن، آءِ سي ٽي، ٽيڪسٽائيلز، چمڙي، معدنيات ۽ دواسازي جا شعبا شامل آهن. پڌرائي موجب پاڪستان ۽ چين جي نجي ??عب?? توانائي جي ??عب?? ۾ چئن مفاهمت جي يادداشتن (ايم او يوز)، آٽو موبائيل جي ??عب?? ۾ ٻه، ثقافتي تعاون جي ??عب?? ۾ هڪ جڏهن ته انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي (آءِ سي ٽي) جي ??عب?? ۾ چئن ايم او يوز تي صحيحون ڪيون آهن. اهڙي طرح پاڪستان ۽ چين جي پرائيويٽ سيڪٽرز دواسازي ۽ هيلٿ ڪيئر سيڪٽر ۾ 6 ايم او يوز تي صحيحون ڪيون آهن جڏهن ته لاجسٽڪس جي ??عب?? ۾ چئن ۽ زراعت ۽ فوڊ پروسيسنگ جي ??عب?? ۾ مفاهمت جي 10 يادداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. ٻنهي ملڪن جي نجي ??عب?? آپٽيڪل فائبر نيٽ ورڪ جي ??عب?? ۾ ليٽر آف انٽينٽ تي پڻ صحيحون ڪيون. و??ضح رهي ته بزنس ڪانفرنس شينزن 2024ع نه رڳو علائقائي منڊين ۾ پاڪستاني مصنوعات کي متعارف ڪرائڻ جي لاءِ راهه هموار ڪندي پر اها پاڪستان جي معيشت جي اسٽري??جڪ تبديلين تي مضبوط علائقائي حڪومت ۽ ڪاروباري لاڳاپن تي مثبت اثر پڻ ڇڏيندي. تقريب منعقد ڪرڻ ۾ بورڊ آف انويسٽمينٽ اهم ڪردار ادا ڪيو. حڪومت جي ان بي ٽو بي قدمن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ بي مثال اڳئين سطح جو صنعتي تعاون متوقع آهي.