??سل??م آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان جي گڏيل ڪوششن سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اح??جا??ي تحريڪ ختم ٿي وئي آهي، وفاقي حڪومت آزاد ڪشمير جي ڀينرن ڀائرن جي لاءِ 23 ارب رپين جي امدادي رقم جو اعلان ڪيو آهي، ڪجهه ماڻهو اهو سوچي آيا هئا ته اح??جا??ي تحريڪ جي آڙ ۾ امن امان کي تباهه ۽ معاملن کي خراب ڪرڻو آهي، انساني جانين جي زيان جو اسان کي تمام گهڻو ڏک آهي، عوام جي مسئلن کي گڏجي ويهي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪ??بينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته آزاد ڪشمير جي معاملي تي ڪ??لهه سمورين اتحادي پارٽين سميت اسان سڀني اجلاس ڪيو، ڊگهي مشاورت کانپوءِ فوري فيصلا ڪيا ويا، آزاد ڪشمير ۾ جيڪا هڪ اح??جا??ي تحريڪ شروع ٿي هئي انهن جا مطالبا به اسان ٻڌا ۽ 23 ارب رپين جي وڏي رقم جو آزاد ڪشمير جي ڀينرن ۽ ڀائرن جي لاءِ اعلان ڪيو. وزيراعظم چيو ته آزاد ڪشمير جي عوام سان ملڻ جي لاءِ ڪجهه ڏينهن ۾ مظفرآباد ويندس، گڏيل ڪوششن جي نتيجي ۾ اح??جا??ي تحريڪ اڄ ختم ٿي وئي آهي پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ڪجهه انساني جانيون ضايع ٿيون آهن ۽ مالي نقصان به ٿيو، انساني جانين جي زيان جو اسان کي تمام گهڻو ڏک آهي، انهن واقعن ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿيو، ڪجهه شهري به شهيد ۽ ڪجهه پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار زخمي ٿيا. وزيراعظم چيو ته قائداعظم جي فرمان موجب ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، اتي امن امان قائم ڪرڻ اولين ترجيح آهي، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سان منهنجي ڳالهه ٿي، اسان کي عوامي نمائندن جي حيثيت سان عوام جي ڳالهين کي غور سان ٻڌڻ گهرجي، عوام جي مسئلن کي گڏجي ويهي طئي ڪ??ڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته آزاد ڪشمير جي حڪومت تمام گهڻو تحمل جو مظاهرو ڪيو آهي، ڪجهه ماڻهو اهو سوچي آيا هئا ته اح??جا??ي تحريڪ جي آڙ ۾ امن امان کي تباهه ۽ معاملن کي خراب ڪرڻو آهي، اح??جا?? دوران انساني جانين جي زيان تي تمام گهڻو افسوس ٿيو آهي، اڄ اها تحريڪ ختم ٿي وئي آهي، صدر آصف علي زرداري، آزاد ڪشمير ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سميت سمورن اڳواڻن جي تعاون تي ٿورا ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته آزاد ڪشمير وڃي معاملن کي پاڻ سمجهڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ انشاءَ الله انهي جذبي کي فروغ ڏينداسين ته جيئن ملڪ ۾ امن قائم ٿئي ۽ پاڪستان تيزي سان ترقي جي راهه تي گامزن ٿئي. ان موقعي تي آزاد ڪشمير ۾ فوت ٿيندڙن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي وئي.