اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان اسرائيل جي قابض فوج جي هٿان خميس ڏينهن معصوم فلسطينين جي قتل عام جي سخت مذمت ڪئي آهي جيڪي غزه ۾ حياتي بچائيندڙ امداد ۽ خوراڪ جي پهچ جا منتظر هئا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو قتل عام تهذيب ۽ عالمي ا??سا??ي قانون جي خلاف ورزي ۽ اسرائيل پاران وڏي پئماني تي فاقه ڪشي جي ڄاڻي واڻي ۽ غيرا??سا??ي پاليسي جي واضح بي توقيري کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان فوري جنگبندي، غيرا??سا??ي گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ غزه جي ماڻهن تائين ا??سا??ي امد??د جي بنا رڪاوٽ پهچ جي مطالبي جو ورجاءُ ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اسرائيل کي ا??سا??يت جي خلاف پنهنجي ڏوهن جي لاءِ پڻ انصاف کي منهن ڏيڻ گهرجي جيڪي فلسطيني عوام جي خلاف ڇوٽ سان ڪيا پيا وڃن.