اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) ترڪه جي صدر رجب طيب اردوان شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آه?? ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي تعاون ۽ ڀائيچاري جي بي مثال بلندين تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ??ي خواهش ۽ عزم جو اظهار ڪيو آه??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان وزيراعظم شهباز شريف کي ٽيليفون ??ئي ۽ کيس پاڪستان جو وزيراعظم چوندجڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم اخوت ۽ ڀائيچاري جي ان احسن قدم تي صدر اردوان جا ٿورا مڃيا. هن ان ڳاله?? تي زور ڏنو ته ماڻهن جي وچ ۾ پائيدار ٻنڌڻ ۽ مضبوط مذهبي ۽ ثقافتي رابطا پاڪستان ۽ ترڪيه جي مضبوط رشتي جو بنياد آه??. وزيراعظم شهباز شريف اهو به چيو ته پاڪستان ويجهي مستقبل ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ پاڪ ترڪي اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس ۾ صدر اردوان جي آجيان ڪرڻ جو منتظر آه??. ٻنهي ملڪن ??ي حڪومتن ۽ عوام جي وچ ۾ موجود دوستي جي مضبوط رشتن کي ياد ڪندي ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن کي تعاون ۽ ڀائيچاري جي بي مثال بلندين تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ هڪ ٻئي سان گڏجي ڪم ڪرڻ ??ي خواهش ۽ عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ خراب ٿيندڙ انساني صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ??ئي ۽ فلسطين مسئلي جي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار حل جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.