اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اس??يل ٽائون ۾ عالمن ۽ موذن کي اس??يل انتظاميا جي فنڊز مان 4 مهينن جي رڪيل پگهار جي ادائيگي ٿي وئي آهي، فنڊز جي کوٽ جي ڪري اڳتي اس??يل ٽائون ۾ رهندڙ ماڻهن کان وصولي ڪري پگهارن جي ادائيگي ڪئي ويندي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ڪامران مرتصيٰ جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ هن ايوان کي ٻڌايو ته اس??يل ٽائون مسجد ڪميٽي 37 عالم ۽ موذن مقرر ڪيا هئا جن جي پگهار پاڪستان اس??يل جي ??لا??من جي فنڊز مان کڻي ڏني ويندي هئي پر 2021ع کان اس??يل ملز جي ??لا??من کي فارغ ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو ان جي ڪري ??لا??من جو انگ 8600 مان گهٽ ٿي 3 هزار رهجي ويو جنهن جي ڪري فنڊز به گهٽ ٿي ويا. هاڻي اس??يل ??ل جي ??لا??من کان جيڪي فنڊز گڏ ڪيا وڃن ٿا اهي هڪ لک 34 هزار رپيا آهن جن مان 37 عالمن ۽ موذن کي پگهار ڏيڻ ممڪن نه آهي، ان لاءِ 32 عالمن ۽ موذن جو ڪانٽريڪٽ نه وڌايو ويو. اس??يل مل انتظاميا اس??يل ٽائون ۾ رهندڙ ماڻهن کان 250 رپيا في گهر وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيئن ئي اهي فنڊز گڏ ٿيندا، 32 عالمن ۽ موذنن کي ادائيگي يقيني بڻائي ويندي جڏهن ته گذريل چار مهينن کان انهن جي رڪيل پگهار اس??يل مل انتظاميا پنهنجي فنڊز مان ادا ڪري ڇڏي آهي.