اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نامزد سفير کي چ??ن سان اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته چين پا??ستان ??و سڀ کان وڏو واپاري حصيدار ۽ پا??ستان ۾ سڌوسن??ون پرڏيهي سيڙپڪاري جو اهم ذريعو آهي، گذريل هڪ ڏهاڪي ۾ پا?? چين اقتصادي لنگهه ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏني آهي، سي پيڪ سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين جي لاءِ پا??ستان جي نامزد سفير خليل الرحمان هاشمي سان ملاقات جي موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پا??ستان ۽ چين جا ٻطرفا لاڳاپا منفرد اهميت رکندڙ آهن، چين پا??ستان جو ڀائر، مستقبل اسٽريٽجڪ تعاون پارٽنر آهي. هن چيو ته سي پيڪ ملڪ ۾ رستن جو ڄار وڇائڻ، اسٽريٽجڪ اهميت جي بنيادي ڍانچي جي منصوبن کي تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئي، چ??ن سان ثقافتي ۽ تعليمي مٽاسٽا مضبوط دوستي جي لاءِ اهم آهي. صدر نامزد سفير کي چ??ن سان اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي هدايت ئي. صدر نامزد سفير کي چين ۾ بطور پا??ستاني سفير مقرر تي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته چ??ن سان اسٽريٽجڪ حصيداري وڌيڪ بهتر ٿيندي.