اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن جي ترقي، حقن ۽ ان??ن جي مالي شموليت جي لاءِ ڀرپور قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عورتن کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ انهن کي ڪاروبار ۾ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪرڻا پوندا، ملڪ ۾ ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن (ايس ايم ايز) کي فروغ ڏيڻ جا وسيع امڪان موجود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ اسلام آباد چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽريز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سفارتڪارن، چيمبرز جي عهديدارن سميت واپارين ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر واپارين تي زور ڏنو آهي ته اهي قانون جي پاسداري ۽ اخلاقيا?? جو خاص خيال رکن. هن چيو ته ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن کي ترقي ڏئي ملڪي معيشت کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو، ملڪ جي 70 سيڪڙو معيشت ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار سان واڳيل آهي، ايس ايم ايز جي ترقي سان ملڪ معاشي طور تي مضبوط ٿيندو ۽ ان سان ملڪي معيشت بهتر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. صدر چيو ته اسان وٽ باصلاحيت افرادي قوت موجود آهي، پاڪستان کي پنهنجي نوجوان آبادي مان فائدو کڻندي انهن کي تعليم يافته ۽ هنرمند بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته 2 ڪروڙ 80 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آ??ن جن کي تعليم جي زيور سان ليس ۽ هنرمند بڻائڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان جي معيشت جي بهت??ي جي لاءِ عورتن جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ملڪي معيشت کي اڳتي وٺي وڃڻ ۾ عورتن جو نمايان ڪردار هجڻ گهرجي. هن چيو ته عورتن کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ سان پاڪستان اقتصادي ترقي جون منزلون طئي ڪندو. صدر چيو ته پاڪستان آبادي جي لحاظ کان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ آهي جيڪو ايندڙ سالن ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ڪورونا وائرس جي عالمي وبا جي حوالي سان پاڪستان بهتر حڪمت عم??ي اختيار ڪئي، اسان کي قائداعظم محمد علي جناح جي فرمانن موجب عورتن کي ان??ن جو جائز مقام ڏيڻ گهرجي، عورتن کي معاشڊي طور تي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور قدمن جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عورتن جي واپار سميت زندگي جي هر شعبي ۾ شموليت ملڪي ترقي جي لاءِ لازمي آهي. صدر چيو ته عورتن کي مالي طور تي بااختيار بڻائڻ ۽ خصوصي ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ قدم ضروري آهن، ڪاروبار ۾ عورتن جي شموليت سان انهن کي روزگار ڪمائڻ ۾ پڻ مدد ملي سگهي ٿي. صدر چيو ته معاش??ي جي لاءِ اهو ضروري آهي ته اهو عورتن جي لاءِ موقعا پيدا ڪري، ان??ن جي لاءِ هراسمينٽ کان پاڪ ماحول فراهم ڪري ۽ ان??ن جي تحفظ کي يقيني بڻائي. صدر چيو ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران عورتن کي ڪاروباري قرضن جي آڇ ڪئي وئي جڏهن ته 5 سيڪڙو کان گهٽ عورتن ان مان فائدو کنيو. تقريب کي اسلام آباد چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽ??ي جي صدر سجاد سرور ۽ ٻين عهديدارن پڻ خطاب ڪيو. مقررين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته واپاري برادري ملڪ جي اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اسلام آباد چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽ??ي جي صدر سجاد سرور چيو ته چيمبر ملڪي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪا??ي جي لاءِ راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جڏهن ته گهريلو دستڪا??ي جي تياري ۽ فروغ جي لاءِ عورتن کي پليٽ فارم مهيا ڪيو آهي. سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽ??ي جي نائب صدر سيده وجيده سليم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنع?? جو اهم ڪردار آهي جن جي لاءِ ڏورس پاليسيون جوڙڻ جي ضرورت آهي. اسلام آباد چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽ??ي جي گروپ چيئرمين قاضي محمد الياس ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته واپاري ٽيڪس جي ادائيگي جي ذريعي ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ پنهنجو بهترين ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ان کان اڳ صدر واپار جي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ مختلف ڪاروباري شخصيتن ۾ شيلڊز ورهايون.