اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي خيبر ضلعي جي علائقي تيراهه ۾ دهشتگردن سان مقابلي ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ 3 فوجي جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي حفاظت جي لاءِ جان قربان ڪندڙ پاڪ فوج جا جوان قوم جا هيرو آهن، شهيدن پنهن??ي رت سان بهادري ۽ جرئت جي بي مثال تاريخ لکي آهي، پوري قوم پاڪ فوج جي شهيدن کي سلام پيش ڪر?? ٿي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات وا??ي نگران وفاقي وزير دهشتگردن سان مقابلي ۾ شهيد ??يندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد حسن حيدر، نائيڪ خوش دل خان، نائيڪ رفيق خان ۽ لانس نائيڪ عبدالقادر جي درجن جي بلندي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. اطلاعات وا??ي نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هر پهرين دستي جو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو آڻي سک جو ساهه کڻنداسين، دشمن جا ناپاڪ ارادا ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.