تاشقند – 09 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اقتصاد?? تعاون ت??ظيم جي 16 هين سربراهي اجلاس جي موقعي تي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪئ??، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي ٻطرفي واپار، دفاع ۽ توانائي جي شعبي ۾ تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ اقتصاد?? تعاون ت??ظيم جي 16 هين سربراهي اجلاس جي موقعي تي جمهوريه آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪئ??، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن خاص طور تي ٻطرفي واپار، دفاع ۽ توانائي جي شعبي ۾ تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم آ??ربائيجان ايئرلائين جي پاڪستان جي لاءِ سڌوسنئون فلائيٽ آپريشن جي اعلان جي آجيان ڪئي ۽ ان کي ڪاروبار، سياحت ۽ ماڻهن جي وچ ۾ مٽاسٽا کي وڌائڻ جي لاءِ هڪ مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو. نگران وزيراعظم ۽ آذربائيجان جي صدر اسلامو فوبيا ۽ موسمياتي تبديلي سميت ٻين گڏيل چئلينجز، علائقائ?? تعاون ۽ گڏيل خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اي سي او جي اهم ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ انساني بحران ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي تازه ترين صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران وزيراعظم آ??ربائيجان جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي خاص طور تي ڪاراباغ جي حوالي سان پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪيو.