اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آ??ي ته منشيات جو مسئلو هڪ وبائي مرض ۽ سنگين مسئلو آهي جنهن کي مناسب اهميت نه پئي ڏني وڃي، ان مسئلي بابت آگاهي ڦهلائڻ لاءِ هڪ جامع مهم شروع ڪئي آهي، تعليمي ادارن ۾ منشيات جي استعمال کي روڪڻ لاءِ وڌيڪ عملي ۽ فيصلا ڪُن قدم کڻنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي تعليمي ادارن ۾ منشيات جي ڦهلاءُ کي روڪڻ لا??ِ اثرائتا قدم کڻڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ڊي آءِ جي، اي اين ايف، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ايڇ اِي سي، ڊي ڊي جي ايف شي اي ۽ پيرا جي نمائندن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ايڊيشنل سيڪريٽري جنيد اخلاق ۽ سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري عبدالستار کوکر سميت ??زا??ت جا سينيئر عملدار به موجود هئا. وفاقي وزير چيو ته اسان کي تعليمي ادارن ۾ منشيات جي مسئلن بابت آگاهي ڦهلائڻ لاءِ هڪ جامع مهم شروع ڪئي آهي ۽ پاڪستان جي تعليمي ادارن ۾ منشيات جي استعمال کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻنداسين. هن چيو ته هاڻ وقت اچي ويو آ??ي ته پوري طاقت سان ان مسئلي کي ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان کي پهريان ان مسئلي جي ڦهلاءُ کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، ان کان پهريان ته اسان ان کي گهٽ ڪرڻ جي حڪمت ٺاهيون. هن چيو ته يورپ ۾ نوجوان ان مسئلي سبب روڊن تي مري رهيا آهن. هن چيو ته اسان اڃا تائين ان مقام تائين ناهيون پهت?? ۽ ??سان ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته ان معاملي کي هٿ مان نڪرڻ کان پهريان ئي ڪنٽرول ڪيو وڃي. هن چيو ته فيڊرل پبلڪ اسڪولن ۾ اٽڪل اڍائي لک شاگرد آهن، جن کي اولين ترجيح تي رکڻ گهرجي.