اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزير??عظ?? انوار الحق ڪاڪڙ موثر حڪمت عملي تحت بلوچستان ۾ نوڪرين ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن اها ڳالهه ڪوئيٽا ۾ بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. نگران وزير??عظ?? بجيٽ ۽ مصارف ۾ بهتر طريقيڪار تحت توازن کي برقرار رکندي وسيلن جي مناسب استعمال جي ضرورت تي زور ڀريو. اجلاس ۾ نگران وڏو وزير، وزير ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. وزير??عظ?? چيو ته بلوچستان معدنيات جي حوالي سان وسيع صلاحيت رکندڙ آهي جنهن سان ملڪ جي معيشت جي ترقي جي حوالي سان فائدو کڻي سگهجي ٿو. نگران وزير??عظ?? چيو ته معدنيات سان مالا مال علائقن ۾ مواصلات جي موثر بنيادي ڍانچي جي موجودگي ۾ انهن وسيلن مان موثر طريقي سان فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو. اجلاس ۾ چيف س??ڪريٽري بلوچستان وزير??عظ?? کي صوبي جي جاري ۽ ??جو??ز ڪيل ترقياتي منصوبن بابت بريفگن پڻ ڏني.