راولپنڊي – 18 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير راولپنڊي ۾ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر طاهره اورنگ??يب جي رهائشگاهه تي ويو ۽ اطلاعات واري اڳوڻي وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگ??يب سا?? ملاقات ڪئي. اطلاعات واري اڳوڻي وزير مريم اورنگ??يب اطلاعات وارو نگران وزير بڻجڻ تي مرتضيٰ سولنگي کي مبارڪباد ڏني ۽ دعا ڪئي ته توهان ان قومي ذميواري ۾سرخرو ٿيو. اطلاعات واري نگران وزير مرتضيٰ سولنگي مريم اورنگ??يب جي گهرڀاتين ۽ ٻارن سان پڻ ملاقات ڪئي. ان مو??عي تي نگران وفاقي وزير مريم اورنگ??يب کي 16 مهينن ۾ اطلاعات واري وزارت کي به??ري?? انداز ۾ هلائڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پيمرا (ترميمي) بل 2023ع جي شاندار قانونسازي توهان جي جمهوري مزاج ۽ مشاورت جي هنر جو ڪمال ثابت ٿيو. هن چيو ته مريم اورنگ??يب ڪارڪردگي جو معيار قائم ڪيو، ڪوشش هوندي ته ان جو تسلسل جاري رکي سگهان. اطلاعات واري نگران وزير مرتضيٰ سولنگي مريم اورنگ??يب سا?? ملڪ جي مجموعي صورتحال ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي حوالي سان معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان کان اڳ اچڻ تي مريم اورنگ??يب پنهنجي والده طاهره اورنگ??يب ۽ ٻين گهرڀاتين سان گڏ مرتضيٰ سولنگي جو استقبال ڪيو ۽ کيس گلدستو پيش ڪيو. اطلاعات واري نگران وزير نيڪ خواهشن جي اظهار ۽ مبارڪباد تي طاهره اورنگزيب، مريم اورنگزيب، حسن اورنگ??يب ۽ ٻين گهرڀاتين جا ٿورا مڃيا.