اسلام آباد- 06 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پي ٽي وي جي 6 ملازمن جي 2 سالن لاءِ ترقي روڪڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، اها هدايت عورت ڪئميرا مين کي ڪم واري هنڌ تي ??را??ان ڪرڻ، غير محفوظ ۽ جارحاڻي م??حو?? پيدا ڪرڻ تي ڪئي وئي، صدر ع??رت ڪئميرا مين جي سروس مان برطرفي کي به ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر چيو ته عورت خلاف ضابطه جي پيروي کانسواءِ، غير ذميوارڻي طريقي سان قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي، عورت ڪئميرا مين خلاف بدتميزي ۽ توهين آميز جون ڪارروايون ڪيون ويون، صدر چيو ته ڪم واري هنڌ تي ??را??ان ڪرڻ هڪ عالمي رج??ان آهي، جيڪو ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ ڏٺو وڃي ٿو، ??را??اني جو عمل مذهب، ثقافت، نسل، ذات، طبقي ۽ جاگرافيائي حدن کان مٿانهون آهي، تعليم ۽ روزگار تائين بهتر رسائي سان لکين پاڪستاني عورتون ڪم ڪري رهيون آهن، ڪيترن ئي ماڻهن کي روزاني جي بنياد تي ڪم واري هنڌ تي ??را??اني کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، صدر چيو ته پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ ڪم جي جاءِ تي ??را??اني جي خاتمي لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ??را??اني پاڪستان جي آئين ۾ موجود بنيادي حقن جي خلاف ورزي آهي، آرٽيڪل 25 جنس جي بنياد تي ڪنهن قسم جي امتياز کان منع ڪري ٿو، آئين سمورن معاملن ۾ قانون جي هڪجهڙي تحفظ ۽ برابري جي ضمانت ڏي ٿو، آرٽيڪل 34 رياست کي قومي زندگي جي سمورن معاملن ۾ عورتن جي مڪمل شرڪت کي يقيني بڻائڻ جو پابند ڪري ٿو، صدر چيو ته آرٽ:ڪل 37 (سي) ۾ عورتن کي ملازمت ۽ ڪم جي شرطن جي معاملن ۾ خصوصي حيثيت ڏني وئي آهي، ??را??اني کان پاڪ م??حو?? اعليٰ پيداواري صلاحيت، بهتر ڪارڪردگي جو سبب بڻجي ٿو، ??را??اني ڪم ڪندڙ عورتن کي درپيش سڀ کان وڏين رڪاوٽن مان هڪ آهي، صدر پي ٽي وي ، عبدالرشيد، ضياءُ الرحمان، مقبول شاهه، محمد نور ۽ ڪنول مسعود طرفان داخل اپيل رد ڪري ڇڏي، حراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي مح??سب عورت کي چارج سيٽ ڪرڻ، معطلي جي حڪمن، بدلي ڪرڻ ۽ ترقي روڪڻ ۽ هڪ لک ڏنڊ جي سزا ڏني هئي، صدر ملوث ملازمن تي مح??سب جي طرفان لڳايل ڏنڊ جي سزا ختم ڪري، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته شڪايت ڪندڙ شڪايت ڪئي ته پي ٽي وي ۾ ملازمن مٿس حملو ڪيو، جواب ڏيندڙن حمايت ڪئي، ڪيس ۾ جوابدارن تي جنسي ??را??اني جا الزام ثابت نه ٿيا هئا، تنهن ڪري مح??سب ڪم واري هنڌ تي ??را??ان ڪرڻ جهڙيون ڪارروايون ڪرڻ تي سزا لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڏنو، جنسي ??را??اني ثابت نه ٿيڻ تي صدر 5 جنوري 2018ع تي مح??سب جي فيصلي کي رد ڪيو هو، ان کانپوءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان عورت ڪئميرا مين ۽ اٽارني جنرل طرفان داخل ڪيل سول روينيو پٽيشنز کي منظور ڪري ورتو. فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻن فيصلن کي رد ڪيو ويو هو، سپريم ڪورٽ معاملو صدر مملڪت کي ٻيهر نئين سر فيصلي ڪرڻ لاءِ واپس موڪليو هو، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ لفظ ”??را??اني“ جي تشريح ڪئي هئي، ??را??اني لاءِ ٻه شيون هونديون آهن، جنسي ??را??اني ۽ ڪم لاءِ غير محفوظ، مخالف يا جارحاڻو م??حو?? پيدا ڪرڻ، ڪيس جو حقيقتون جنسي مطالبن جي نوعيت جي دائري ۾ نٿيون اچن پر مخالفاڻي يا جارحاڻي ڪم جي م??حو?? جي دائري ۾ اچن ٿيون، بعد ۾ صدر جون ۽ جولاءِ 2023ع ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، صدر سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ معاملي جو نئين سري سان فيصلو ڪيو، صدر چيو ته ”??را??اني“ جي اصطلاح کي صرف جنسي نه پر غير محفوظ، مخالف يا جارحاڻو م??حو?? پيدا ڪرڻ جي پاسن کان به جاچڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن ڪو مالڪ عورتن لاءِ غير محفوظ م??حو?? پيدا ڪري ٿو ته اها ??را??اني جي تعريف ۾ اچي ٿو، صدر چيو ته ??را??اني جي اصطلاح کي ڪم لاءِ غير محفوظ، مخالفڻي يا جارحاڻي م??حو?? جي روشني ۾ ڌار پڙهڻ گهرجي نه رڳو جنسي مطالبي جي روشني ۾. صدر مح??سب جي فيصلي کي برقرار رکيو ۽ فيصلي خلاف اپيلون رد ڪري ڇڏيون، پي ٽي وي ??را??اني بابت پروٽوڪول بهتر بڻائي، پي ٽي وي ان ڳالهه کي يقيني بڻائي به مستقبل ۾ اهڙيون حالتون پيدا نه ٿين، صدر هدايت ڪئي ته ??را??يت جي روڪٿام پروٽوڪول کي نظرثاني ۽ ان تي عملدرآمد جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، پي ٽي وي حڪم کي ٽن ڏينهن اندر لاڳو ڪري، پروٽوڪول تي رپورٽ مح??سب کي جمع ڪرائي.