ڪراچي – 16 – جون (اي پي پي) ??اڪ??تان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري منڊي بهاءُ الدين جي پارٽي اڳواڻ بشير نوشاهي سان سندس ڀاڄائي جي لاڏاڻي تي افسوس ۽ دلي ه??درديءَ جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ چيو ته توهان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. بلاول ڀٽو زرداري مرحومه جي لاءِ جنت الف??دو?? ۽ سوڳوار خاندان جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.