اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عراق جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ب??دا?? پهچي ويو. پرڏيهي آفيس موجب عراقي گادي واري شهر ب??دا?? پهچڻ تي عراقي نائب پرڏيهي وزير سميت ٻين عراقي عملدارن، ب??دا?? ۾ پاڪستان جي سفير احمد امجد علي ۽ سفارتخاني جي سينيئر آفيسرن ايئرپورٽ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زردا??ي جو شاندار استقبال ڪيو. ٻنهي ملڪن جا پرڏيهي وزير اڄ باضابطا ڳالهيون پڻ ڪندا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي دو??ي جي دعوت ??راق جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين ڏني آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دوري دوران عراقي قيادت سان ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي معاملن ۽ ٻطرفي تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستاني سفارتخاني جي ڪمپليڪس جي پيڙهه جو پٿر پڻ رکندو. پرڏيهي وزير جي عراق جي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليم جي شعبي، ثقافتي تعاون ۽ ويزا جي سهولت بابت ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون پڻ متوقع آهن.