اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم شهباز شريف جي نالي خط لکيو آهي جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڱڻ مان عمران خان جي گرفتاري جي طريقيڪار ۽ نتيجن طرف ڌيان ڇڪرائيندي چيو آهي ته ان ڳالهه کي يقيني ??ڻايو ته عمران خان جا آئيني ??ق پائمال نه ٿين، وزيراعظم مون کي ملڪ جي موجوده صورتحال کان آگاهه رکي. ايوان ??در جي پريس ونگ موجب ??در وزيراعظم شهباز شريف کي موڪليل خط ۾ چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان آفيس ۾ زبردستي داخل ٿيا جتي عمران خان جي بائيوميٽرڪ جو عمل جاري هو. هن چيو ته جنهن انداز ۾ ان جي گرفتاري عمل ۾ آندي وئي اهڙي قسم جو واقعو ڪنهن سان نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته آ??ون عوامي اثاثن کي پهچندڙ نقصان ۽ شرپسندن جي غيرقانوني قدمن تي پريشان آهيان، آئين ۽ قانون جو محافظ هجڻ جي ناطي آ??ون اهڙن واقعن جي مذمت ڪريان ٿو، ملڪ هڪ مشڪل دور مان گذري رهيو آهي، اچو تحمل جو مظاهرو ڪريون ۽ پنهنجي تقدير کي بچايون. مهرباني ڪري ان ڳالهه کي يقيني ??ڻايو ته عمران خان جا آئيني ??ق پائمال نه ٿين، ان جي جان کي مڪمل تحفظ حاصل هجي. ??در چيو ته وزيراعظم آئين ۽ رولز آف بزنس 1973ع تحت مون کي ملڪ جي موجوده صورتحال کان آگاهه رکي.