اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪيه جي صدر ر??ب طيب اردوان کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته صدر جي متحرڪ قيادت ۾ پاڪ – ترڪيه ??اڳ??پن کي فروغ ملندو. ايو??ن صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پنهنجي مبارڪباد واري بيان ۾ چيو ته پنهنجي ويجهي دوست ۽ ڀاءُ صدر ر??ب طيب اردوان کي ترڪيه جي صدارتي چونڊن ۾ هڪ ڀيرو ٻي??ر ڪاميابي تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. صدر چيو ته رجب اردوان جي فتح عوام جي ان تي ڪيل اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي، ترڪيه اسان جو تمام ويجهو دوست آهي جنهن سان اسان جا صدين کان ڀائراڻا ??اڳ??پا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه مشڪل وقتن جا پراڻا ساٿي آهن، پاڪستان ۽ ترڪيه سدائين هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. صدر چيو ته مون کي يقين آهي ته رجب طيب اردوان جي متحرڪ قيادت ۾ پاڪ – ترڪيه ??اڳ??پن کي وڌيڪ فروغ ملندو. صدر اميد ظا??ر ڪئي ته اس??ن صدر ر??ب طيب اردوان سان گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ترڪيه سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا منتظر آهيون.