پشاور – 19 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پيپلزپارٽي جي وفد سان گڏ جمعيت ع??ما??ِ اسلام جي مرڪزي امير ??ولانا فضل الرحمان جي اباڻي رهائشگاهه عبدالخيل ۾ مذهبي معاملن واري وزير عبدالشڪور جي لاڏاڻي تي ساڻس تعزيت ڪئي. وفاقي وزير ??مر زمان ڪائره ۽ مملڪتي وزير ??يصل ڪريم ڪنڊي پڻ پيپلزپارٽي جي چيئرمين سان گڏ هئا. بلاول ڀٽو زرداري ۽ وفد جي ٻين ميمبرن م??تي عبدالشڪور جي روح جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. جي يو آءِ (ف) جي اڳواڻ مولانا ضياءَ الرحمان پيپلزپارٽي جي وفد جو عبدالخيل پهچڻ تي استقبال ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو خصوصي پيغام مولانا فضل الرحمان کي پهچايو. ملاقات ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف سان حڪمران اتحاد جي ڳالهين بابت معاملا پڻ بحث هيٺ آيا.