اسلام آباد ?? 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعيت علماءِ اسلام ج?? سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاه تي ??يو ۽ مذهب?? معاملن واري وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته مفتي عبدالشڪور ڪابينا جو هڪ اهم ميمبر هو، هو انتهائي سادو ۽ نيڪ انسان هو. هن چيو ته مفتي عبدالشڪور جي اوچتي حادثي ۾ لاڏاڻي تي دل ڏکويل آهي، مون سميت پوري قوم ج??ن سموريون همدرديون مفتي عبدالشڪور جي گهرڀاتين سان آهن. هن د??ا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند ۽ سوڳوارن کي صبر جميل عطا فرمائي.