اسلام آباد – 17 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي ??يڪ??يٽري ڊاڪٽر اسد مجي?? خان سان آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر ڊيرڪ شولي پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پرڏيهي ??يڪ??يٽري آمريڪي پرڏيهي کاتي جي عهديدار جي آجيان ڪندي چيو ته لاڳيتو ٻطرفا دورا پاڪستان ۽ آمريڪا جي ??ثب?? رويي جو مظهر آهن. پرڏيهي ??يڪ??يٽري ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻئي مڊ ليول دفاعي ڊائيلاگ ۽ واشنگٽن ۾ ٿيندڙ واپاري ۽ سيڙپڪاري جي فريم ورڪ ايگريمينٽ ڪائونسل جي اجلاس تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن اداراجاتي ڳالهين جي ذريعي واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، سلامتي، ماحولياتي تبديلي ۽ صحت جي شعبن ۾ پائيدار تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. ڊاڪٽر اسد مجي?? خان زراعت، تعليم، آءِ ٽي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر ڊيرڪ شولي چيو ته آمريڪا پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ بحالي جي لاءِ پاڪستان ۽ ان جي عوام سان آمريڪي يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي ??يڪ??يٽري آمريڪي حمايت تي قونصلر جا ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته آمريڪا ڊگهي مدي وار?? بحالي جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي حمايت جاري رکندو. ڊيرڪ شولي سان عالمي ترقي بابت آمريڪي ايجنسي جو قونصلر ڪلنٽن وائٽ، پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ۽ آمريڪي پرڏيهي کاتي ۾ ڏکڻ ۽ وچ ايشيائي معاملن جي بيورو جو پرنسپل اسسٽنٽ ??يڪ??يٽري الزبيٿ هورسٽ پڻ موجود هئا.