ڪراچي – 17 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري چيو آهي ته شهيد فاضل راهو جي جمهوريت ۽ آبادگارن جي حقن لاءِ جدوجهد پاڪستاني تاريخ جو نه وسرندڙ باب آهي. بلاول هائوس پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽ?? زرداري شهيد فاضل راهو جي ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ شهيد فاضل راهو کي خراج عقيدت پيش ڪيو. بلاول ڀٽ?? زرداري چيو ته شهيد فاضل راهو هڪ بهادر ۽ جمهوريت پ??ند اڳواڻ هو، ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران شهيد فاضل راهو شهيد بينظير ڀٽو سان گڏجي جدوجهد ڪئي. شهيد فاضل راهو جي جدوجهد قرباني ۽ اصول پسندي مشعل راهه آهي. بلاول ڀٽ?? زرداري چيو ته آبادگارن، م??دو??ن ۽ پٺتي پيل طبقن جي حقن جو تحفظ ڪنداسين ۽ انهن جي خوشحالي لاءِ ويڙهه جاري رکنداسين.