اسلام آباد– 25 – نومبر (ا?? پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي جمعي جي صبح اعليٰ سطحي وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري ت?? ترڪيه روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراع??م محمد شهباز شريف ۽ صدر رجب طيب اردوان استنبول شپ يارڊ ۾ پاڪ بحريه جي لاءِ چار ملجم (Milgem) ڪارويٽ جهازن مان ٽئين پي اين ايس خيبر جو افتتاح ڪندو. ٻئي اڳواڻ ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ??ئي وٽ ۽ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب به ڪندا. پنهنجي دوري جي دوران وزيراعظم ترڪيه جي ڪاروباري برادري جي وفد ۽ اي سي او ٽريڊ اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ (اي ٽي ڊي بي) جي صدر سان به ملاقات ڪندو.