اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بين المذاهب ڪانفرنسون، مڪالما ۽ اجلاس منعقد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسلامي مع??شر?? ۾ اعتدال پسندي، امن ۽ سماجي ۽ اقتصادي انصاف جي فروغ کي يقيني بڻايو وڃي، ڀارت جي مسلمانن کي اسلامو فوبيا جي منفي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رابطا عالمي اسلامي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ سان ملاقات دوران ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي رابطا عالمي اسلامي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ کي هلال پاڪستان عطا ڪيو. هلال پاڪستان ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم پاران يتيم ٻارن جي ڪفالت، صحت، سماجي شعبن ۽ پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ عطا ڪيو ويو. بعد ۾ صدر سان هن ملاقات پڻ ڪئي. ان موقعي تي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور ۽ پاڪستان ?? سعودي عرب جو سفير نواف بن سعيدالمالڪي پڻ موجود هو. صدر چيو ته ”اسلامو فوبيا“ مسلمانن کي درپيش سڀ کان وڏن چئلينجز مان هڪ آهي، اسلام جي حوالي سان دنيا ۾ موجود خوف کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسلام دنيا جي ما??هن جي وچ ۾ امن، يڪجهتي ۽ هم آهنگي جو پيغام ڏي ٿو. هن چيو ته مختلف قومن جي ما??هن کي اسلام جي حقيقي پيغام کان آگاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر دنيا ۾ اسلام جي حقيقي تصور ۽ هم آهنگي جي پيغام کي اجاگر ڪرڻ ۽ بين المذاهب ڪانفرنسون، مڪالما ۽ اجلاس منعقد ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته اسلامي مع??شر?? ۾ اعتدال پسندي، امن ۽ سماجي ۽ اقتصادي انصاف جي فروغ کي يقيني بڻايو وڃي، اسلامي مع??شر?? ۾ دهشتگردي ۽ عدم برداشت جي رجحانن جي خلاف صلاحيت ۾ اضافو ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ڀارت ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڀارت ۾ اسلامو فوبيا جون پاڙون گهريون آهن ۽ ان جي رياستي سطح تي سرپرستي ڪئي پئي وڃي، ڀارت جي مسلمانن کي اسلامو فوبيا جي منفي اثرن کان بچائڻ جي لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت آهي. صدر رابطا عالمي اسلامي جي عالم اسلام ۾ ڀلائي جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو. ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ?? اسلامي عجائب گ??ر جي قيام تي عملدرآمد کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته ميوزيم جي مڪمل ٿيڻ سان ما??هو حضور اڪرم ﷺ جي زندگي جي مختلف رخن بابت ڄاڻي سگهندا. صدر پاڪستان جي انتهائي اهم مالي ضرورتن ۽ ٻوڏ سٽيلن جون تڪليفون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فراخدلي سان مدد فراهم ڪرڻ تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيا. رابطا اسلامي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ گڏيل قومن سميت سمورن عالمي فورمن تي اسلامو فوبيا جي خلاف آواز اٿارڻ ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستاني اسڪالرز ۽ سول سوسائٽي کي اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان تي گهري ڳڻتي آهي. سيڪريٽري جنرل ٻن ڏينهن واري عالمي سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس کي صدر جي خطاب کي پڻ ساراهيو.