اسلام آباد/نواب شاهه – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرندي وارن کي ٻوڏ سٽيلن جي وڌيڪ امداد جي اپيل ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ متاثر عورتن، ٻارن، انهن جي خوراڪ، تعليم ۽ تربيت ۽ بحالي جي لاءِ خصوصي قدم کنيا وڃن، عالمي برادري کي پاڪستان ۾ موسمي??تي تبديلي جي ڪري نقصانن جي ازالي لاءِ ڀرپور حصو وجهڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي نوابشاهه ۾ ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ ريليف ڪئمپ جو دورو ڪيو. صدر پاران پنجاب حڪومت جي تعاون سان نوابشاهه جي ٻوڏ سٽيلن جي مدد لاءِ 5 ڪروڙ جي امداد جو اعلان ڪيو آهي. صدر نوابشاهه ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جو ??ضائي جائزو پڻ ورتو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته ٻوڏ جي ڪري ٻين علائقن ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ وڏي تباهي ٿي، شايد هي سنڌ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ آهي. هن چي?? ته ماحولي??تي تبديلي ۽ عالمي گرمي پد ۾ اضافي جي ڪري پاڪستان ۾ وڏي ٻوڏ آئي، عالمي گرمي پد جي اضافي ۾ پاڪستان جو حصو نه هجڻ جي برابر آهي پر پاڪستان ان کان متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ سرفهرست آهي، عالمي برادري کي پاڪستان ۾ موسمي??تي تبديلي جي ڪري ٿيندڙ نقصانن جي ازالي لاءِ ڀرپور حصو وجهڻ گهرجي. صدر چي?? ته موسمي??تي تبديلي کي گهٽ ڪرڻ جي لا??ِ عالمي سطح تي مثبت ۽ ڏورس قدمن جي ضرورت آهي، ٻوڏ کان متاثر عورتن ۽ ٻارن جي خوراڪ، تعليم ۽ تربيت ۽ بحالي جي لاءِ خصوصي قدم کنيا وڃن. هن چي?? ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري لکين ايڪڙ تي بيٺل فصل، گهرن ۽ عمارتن جو ??قصان ڏسي شديد افسوس ??يو. صدر سرندي وارن کي متاثرين جي وڌيڪ امداد جي اپيل ڪندي چي?? ته پاڪستاني قوم مشڪل وقت ۾ سدائين پنهنجي ڀائرن جو سهارو بڻي آهي. هن چي?? ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي پاڪستاني رهواسين سان گڏ آهيون، مشڪلاتن جو ??ر ممڪن ازالو ڪيو پيو وڃي، خواهش آهي ته جلد کان جلد ماڻهن کي پنهنجي علائقن ۾ ٻيهر آباد ڪيو وڃي. صدر چي?? ته حڪومت ۽ سمورا فلاحي ادارا ٻوڏ سٽيلن جي بحالي ۽ امداد جي لاءِ هر وقت ڪوششون ڪري رهيا آهن. صدر ڪئمپ ۾ رهندڙ ٻوڏ متاثرين سان پڻ ملاقات ئي. صدر کي ان موقعي تي انتظاميا پاران بريفنگ پڻ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو وي?? ته نوابشاهه جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي، 247000 ايڪڙ کان وڌيڪ فصل تباهه ٿيا، اسڪولن ۽ گهرن کي تمام گهڻو نقصان پهتو.