ثمرقند – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزئيوف سان ملاقات ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اها ملاقات شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس جي موقعي تي ثمرقند ۾ ٿي. ان موقعي تي ناڻي وارو وفاق?? وزير مفتاح اسماعيل، پرڏيه?? وزير بلاول ڀٽو ز??داري ۽ دفاع وارو وفاق?? وزير خواجه محمد آصف پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.