اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان سان ٽيلي فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ٻوڏ متاثرن کي انساني بنيادن تي امداد جي ??راهمي تي صدر ۽ ترڪيه عوام جو ثورو مڃيو جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ناتن کي سمورن شعبن ۾ وڌيڪ ترقي ڏيڻ جي عزم جو ٻنهي طرفن کان اظهار ڪيو. وز??راعظم آفيس ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وز??راعظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان طرفان پاڪستان لاءِ ٻوڏ فوري بعد 12 جهازن، 4 ريل گاڏين ۽ ٻن ٽرڪن ذريعي امدادي سامان جي ??راهمي تي پاڪستاني حڪ??مت ۽ عوام طرفان ترڪ صدر ۽ عوام جو شڪريو ادا ڪندي ان کي ترڪيه ۽ پاڪستان وچ ۾ سچين روايتن تي ٻڌيل مثالي ناتا قرار ڏنا. هن پهرين سيپٽمبر تي ترڪيه جي صدر طرفان خير سگالي ۽ يڪجهتي طور ترڪيه جي گهرو وز??ر سلمان سويلو ۽ ماحوليات واري وز??ر ۽ اي ايف اي ڊي جي سربراهه مرات ڪورم تي ٻڌل موڪليل وفد جي ??اڪستان جي دوري تي به شڪريو ادا ڪيو. ترڪ صدر کي ٻوڏ سبب ٿيل تباهي بابت آگاهه ڪندي وز??راعظم ٻڌايو ته شروعاتي انگن اکرن مطابق پاڪستان جي جي ڊي پي ۾ 2 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان آهي. ٻوڏ ملڪ ۾ لکين ايڪڙ بيٺل فصل تباهه ڪيو ۽ لکين گهر ۽ انفراسٽڪچر به تباهه ڪري ڇڏيو. وز??راعظم چيو ته پاڪستان کي ان صورتحال کانپوءِ ملڪ ۾ غذائي عدم تحفظ جو فوري چئلينج درپيش آهي جڏهن ته ان سان گڏوگڏ متاثرن جي ريسڪيو ۽ بحالي جا قدم پڻ کنيا پيا وڃن. هن ترڪ صدر ??ي حڪومت طرفان متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرمين بابت آگاهه ڪيو، هن خوراڪ جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ کان علاوه متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير ۽ بحالي لاءِ ترڪيه طرفان امداد حاصل ڪرڻ جي ??نهنجي خواهش جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وز??راعظم سڀني شعبن ۾ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.