اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ٻوڏ متاثرين جي امدادي شين تي ٽيڪس ڇوٽ ڏيڻ بابت ڪابينا جي فيصلي جا تفصيل ج??ري ڪري ڇڏيا. ج??ري ڪيل بيان ۾ اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ڪابينا 30 آگسٽ 2022ع تي ٽيڪس ڇوٽ جي منظوري ڏني هئي، ٻوڏ متاثرين جي مدد جي لاءِ مهارين، ٻيڙين سميت سمورين امدادي شين کي ٽيڪس کان ڇوٽ ح??صل آهي. هن چيو ته ڪابينا جي 30 آگسٽ 2022ع تي ٽيڪسن کان ڇوٽ جي منظوري تي فوري عمل ٿيو هو?? ناڻي و??ري وزارت ۽ ايف بي آر عملدرآمد جو ايس آر او پڻ ج??ري ڪري ڇڏيو هو. ضابطي تحت فلاحي ۽ سرندي وارن ڪم ڪندڙن کي اين ڊي ايم اي جو سرٽيفڪيٽ ح??صل ڪرڻو پوندو.