اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم بجلي جي صارفين جون شڪايتون ختم ڪرڻ جي لاءِ اعلي سطح جي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم 200 يونٽ تائي?? جي صارفي?? جي بلن ۾ اعلان ڪيل ريليف کي 24 ڪلاڪن ۾ لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پنهنجي ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم جي هدايت آهي ته 24 ڪلاڪ?? جي اندر ريليف جي تحت صارفي?? جي بلن کي گهٽ ڪي?? وڃي. بجلي جي بلن کي درست ڪرڻ جي لاءِ ڊسڪوز جو اسٽاف 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو. بل?? جي درستگي جي لاءِ سمُوري عملي جُون موڪلُون ختم ڪري ڇڏيون آهن. بل جمع ڪرائڻ جي لاءِ بينڪُون موڪل?? جي ڏينهن کليل رهنديُون.