ڪراچي -14 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي بلديات واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي، ته تقرير جو هڪ هڪ لفظ ڏيکارڻ باوجود عمران خان هر ??قرير ۾ چينلن کي ويڪائو چوندو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صوبائي وزير چيو آهي، ته مان حيران آهيان ته هر چينل فتني خان جي تقرير جو هڪ هڪ لفظ ڏيکاريندو آهي، ان باوجود هي شخص انهن چينلن خلاف هر ??قرير ۾ ڳالهائيندو آهي ۽ کين ويڪائو چوندو آهي، لفافن وٺڻ و??رو چوندو آهي، ??ر ڪو به چينل ان تي اعتراض ناهي ڪندو.