اسلام آباد – 13 8211; آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قيدين جي س??ائن ۾ گه??تائي جو اعلان ڪري ڇڏيو. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي س??ائن ۾ گه??تائي آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب جيلن ۾ رهندڙ قيدين جي س??ائن ۾ پنجين حصي جي گه??تائي ڪئي ويندي. صدر 65 ي?? ان کان وڏي عمر جي مرد قيدي جيڪي 15 سال ي?? ان کان وڌيڪ قيد ڪاٽي چڪا آهن انهن جي لاءِ باقي س??ا ۾ مڪمل ڇوٽ جو اعلان ڪيو آهي. 60 سال ي?? ان کان وڏي عمر جون عورتون جيڪي 10 سال ي?? ان کان وڌيڪ قيد ڪاٽي چڪيون آهن جي لاءِ باقي س??ا ۾ مڪمل ڇوٽ جو اعلان پڻ ڪيو آهي. قيد جي س??ا جو ٽي ڀاڱي چوٿون حصو ڪاٽيندڙ قيدين جي س??ا تي مڪمل ڇوٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي. 20 سال جي قيد مڪمل ڪندڙ قيدين جي س??ا ۾ مڪمل ڇوٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سزائن ۾ گه??تائي جو اطلاق موت جي س??ا، جاسوسي، گينگ ريپ، بئنڪ ڌاڙي، رياست مخالف سرگرمين، زنا، اغوا ۽ ڌاڙي جي ڏوهارين تي نه هوندو.