پشاور – 05 – آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي وقتي گورنر مشتاق احمد غني چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019ع تي مودي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي قانوني حيثيت کي تبديل ڪري مظلوم ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جي هڪ نئين دور جي شروعات ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي جاري پيغام ۾ ڪيو. مشتاق احمد غني چيو ته پاڪستاني قوم سدائين وانگر مظلوم ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان هر محاذ تي ڪشميري عوام جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. والاريل ڪشمير جي صورتحال عالمي انساني حقن جي ادارن جي لاءِ هڪ ڏکيو امتحان ?? فڪر جو لمحو آهي، عالمي برادري ڀارت جي غاصباڻي قب??ي مان ڪشميري عوام کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪري.