سرينگر – 03 – آگسٽ (اي پي پي) غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ پروفيسر عبدالغني بٽ چيو آهي ته ڪشميري عوام پراڻي ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل جي لاءِ پنهنجي پرامن آزادي جي جدوجهد جاري رکي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب پروفيسر عبدالغني بٽ بڊگام جي مختلف علائقن مڪهامه، رتسونه ۽ سنور ڪالي پوره ۾ عوامي ميڙن کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستا?? ۽ ??ارت کي والاريل ڪشمير سميت سمورن حل طلب مسئلن جي حل لاءِ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته ڪشميري عوام خطي ۾ امن ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستا?? ۽ ??ارت جي وچ ۾ خ??شگ??ار لاڳاپن جي خواهشمند آهي. هن چيو ته ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سمورا حل طلب مسئلا خاص طور تي ڪشمير تڪرار کي بامعنيٰ ۽ نتيجاخيز ڳالهين واري عمل ذريعي حل ڪرڻ گهرجي. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ چيو ته نه رڳو خطي پر پوري دنيا جي جاگرافيائي سياسي صورتحال تبديل ٿي رهي آهي جيڪا ننڍن ۽ غريب ملڪن جي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ پاڪستا?? ۽ ??ارت ٻنهي کي ڳالهين ذريعي سمورن حل طلب مسئلن خاص طور تي ڄمو?? ۽ ??شمير تڪرار کي حل ڪرڻو پوندو.