اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چين جي ڪميونسٽ پارٽي جي پرڏيهي معاملن واري ڪميشن جي ڊائريڪٽر يانگ جيچي ۽ سندس وفد جي آجيان ڪندي چيو ته يانگ جيچي پ??ڪس??ان جو مخلص دوست آهي ۽ هو پ??ڪس??ان جي حڪومت ۽ عوام پاران چيني وفد کي ڀليڪار چوي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف سان ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي پرڏيهي معاملن واري ڪميشن جي ڊائريڪٽر يانگ جيچي جي سربراهي ۾ وفد ملاقات ڪئي. ان ??وق??ي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زردا??ي، مملڪتي وزير حنا رباني کر، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ۽ ٻيا به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته هو پ??ڪس??ان جي حڪومت ۽ عوام پاران چيني وفد جي آجيان ڪري ٿو. هن يانگ جيچي سان 2015ع ۾ چيني صدر جي دوري جي ??وق??ي تي ٿيندڙ ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته چيني صدر جي وفد جي اهم ميمبر جي حيثيت سان يانگ جيچي اهم ڪردار ادا ڪيو هو. چيني صدر سان ان وقت مختلف معاهدن تي صحيحون ڪيون هيون جيڪا اصل ۾ سي پيڪ جي شروعات هئي. وزيراعظم چيو ته يانگ جيچي پ??ڪس??ان جو مخلص دوست آهي، جنهن سدائين پ??ڪس??ان جي ڪاز جي حمايت ۽ ٻنهي ملڪن کي ويج??و آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم پنهنجي بيجنگ جي دوري جو به ذڪر ڪيو، جڏهن ساڻس يانگ جيچي سان ملاقات ٿي ته هن چيو ته سي پيڪ جا منصوبا، سيڙپڪاري ۽ واپار جي لاءِ انهن جو ٿورائتو آهيان. يانگ جيچي چيني صدر ۽ وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ پ??ڪس??ان سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي راهه تي گامزن ٿيندو.