اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سينئر ڪشميري اڳواڻ محمد ياسين مل?? کي ڀارتي عدالت پاران ??علي الزامن تي فرد جرم لڳائڻ جي شديد مذمت ڪندي ان ??ي فوري آزادي جو مطالبو ڪيو آهي. ڀار?? کي والاريل ڪشمير ۾ عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جا سنگين انساني نتيجا برآمد ٿيندا. پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران ??اري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته محمد ياسين ملڪ تي لڳايل من گهڙت الزامن کي ختم ڪري ان کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي، هن ڀارتي عدالت پاران محمد ياسين ملڪ تي غلط فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته ياسين ملڪ غير قانوني طور تي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ حريت اڳواڻن ۾ سڀني کان نمايان ۽ قابل اعتراض آواز آهي، ڀارت ان کي فوري تي آزاد ڪري ۽ ان کي پنهنجي خاندان ??ان ٻيهر ملڻ جي اجازت ڏني وڃي. هن چيو ته سالن کان ??اري ڀارتي ڏ??ڍ جي خلاف ان ??ي پختي عزم کي اهڙي غير منصفاڻي فيصلن سان ڪمزور نٿو ڪري سگهجي. پرڏيهي وزير چيو ته ڀار?? کي والاريل ڪشمير ۾ سڀني سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي روڪڻ گهرجي. ڀار?? کي ڄاڻ هجي ته هو ڪشميري عوام کي ان ??ي خودمختياري واري حق جي استعمال کان ??دائين لاءِ نٿا روڪي سگهن جيڪو انهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڏنو ويو آهي. هن عالمي برادري، گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو آهي ته کين ڀار?? کي محمد ياسين سان ٿيندڙ ان ??نگين ناانصافي کي روڪڻ لاء?? پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري کي اهو سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڀار?? کي والاريل ڪشمير ۾ عالمي قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي ته ان ??ا سنگين انساني نتيجا برآمد ٿيندا.