اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر تي تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ (ق) جي صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڊپٽي اسپيڪر تي تشدد ۽ غنده گردي جو اهو واقعو فاشزم آهي. هن چيو ته عمران ??ان ??ي مايوسي ۽ تشدد تي اتساهڻ جي ڪري اسان ??ي معاشري کي نقصان پهچي رهيو آهي ۽ اهي پاڻ جمهور??ت تي حملي آور آهن.